سورهيه بادشاهه جي جدوجهد ننڍي کنڊ جي مظلومن لاءِ هئي، حر تحريڪ ۾ عورتن جو وڏو ڪردار هو: ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اديبن، ليکڪن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن چيو آهي ته سورهيه بادشاهه ۽ حرن جي تحريڪ ۾ عورتن جو به وڏو ڪردار رهيو آهي جتي حرن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا اتي حرن جي عورتن به  قربانيون ڏنيون آهن، شهيد سورهيه بادشاهه ۽ قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي، شهيد سورهيه بادشاهه آزادي جو هيرو آهي سندس تاريخ کي کوٽن سڪن مسخ ڪيو، شهيد سورهيه بادشاهه انقلابي ۽ روحاني شخصيت هو، شهيد سورهيه بادشاهه ريسرچ انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويندو جتي شهيد سورهيه بادشاهه جي جدوجهد ۽ حرن جي قرباني تي ڪم ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هنن ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ سورهيه بادشاهه اسٽڊي سرڪل طرفان سنڌ پوليس جي اڳوڻي آءِ جي ڊاڪٽر آفتاب نبي پاران لکيل ڪتاب ”ڊفائين ڪالونيل اسٽيٽ پاور“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر آفتاب نبي جي لکيل ڪتاب جي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم، ڊاڪٽر آفتاب نبي، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، قاضي جاويد، نصير اعجاز، ڊاڪٽر حسن عيسيٰ، ارشد شر بلوچ، لطيف منڱريو، اديبن، دانشورن مهورت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان مسلم ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار رحيم چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه ۽ قائداعظم محمد علي جناح وچ ۾ ڪنهن به قسم جو تضاد نه هو. شهيد سورهيه بادشاهه ۽ قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي آزادي لاءِ جدوجد ڪئي. هن چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه آزادي جو هيرو آهي سندس تاريخ کي کوٽن سڪن مسخ ڪيو، هن چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه انقلابي ۽ روحاني شخصيت هو. هن اعلان ڪيو ته شهيد سورهيه بادشاهه ريسرچ انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويندو، جتي شهيد سورهيه بادشاهه جي جدوجهد ۽ حرن جي قرباني تي ڪم ڪيو ويندو. ان موقعي تي ميڊم مهتاب اڪبر راشدي خطاب ڪندي چيو ته سورهيه بادشاهه ۽ حرن جي تحريڪ ۾ عورتن جو به وڏو ڪردار رهيو آهي جتي حرن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا اتي حرن جي عورتن به قربانيون ڏنيون آهن. بدقسمتي سان سورهيه بادشاهه جي ڏنل قرباني ۽ جدوجهد تي ريسرچ نه ٿي سگهي آهي ، قاضي جاويد ايڊووڪيٽ خطاب ڪندي چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه کي جنهن جيل جي ڪال ڪوٺڙي ۾ رکيو ويو ان جيل جي ٻاهران اسان هزارين ڏيئا ٻاري کيس ياد ڪيو، سندس جدوجهد ننڍي کنڊ جي مظلومن لاءِ هئي  هن چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه جو سنڌ تي وڏو احسان آهي جنهن اسان کي انقلابي راهه ڏني. ان موقعي تي ڪتاب جي ليکڪ اڳوڻي آءِ جي آفتاب نبي خطاب ڪندي چيو ته مون شهيد سورهيه بادشاهه جي انقلابي جدوجهد ۽ ڪردار تي هن وقت تائين 11 ڪالم لکيا آهن ۽ انهن کي لکڻ ۾ به مون کي 23 سال لڳي ويا. ريسرچ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. شهيد سورهيه بادشاهه جي شخصيت نوجوانن لاءِ مشعل راهه آهي. ان موقعي تي نصير اعجاز ۽ ٻين به خطاب ڪيو جڏهن ته تقريب ۾ ڊاڪٽر حسن عيسيٰ پاران شهيد سورهيه بادشاهه جي ياد ۾ شيلڊون به ڏنيون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.