ڊسٽرڪٽ بار شهيد بينظير آباد جو وڪيل لاڏاڻو ڪري ويو

نوابشاهه(ڊ ر) ڊسٽرڪٽ بار شهيد بينظير آباد جو سينئر وڪيل سيد ناصر شاهه ڪورونا سبب وفات ڪري ويو سندس جنازي نماز  سانگهڙ روڊ جي واپڊا ڪالوني ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وڪيلن شهرين، سياسي سماجي ماڻهن شرڪت ڪئي سيد ناصر شاهه جي لاڏاڻي تي نوابشاهه جي عدالت جو ڪاروهنوار معطل رهيو نوابشاهه جي نامياري وڪيل سيد ناصر شاهه جي وفات تي نوابشاهه پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار خاصخيلي، صحافين امير علي چانڊيو، تاج رند، اڪرم چانڊيو، امداد مغيري، عبدالطيف خاصخيلي، حاجي عبدالله ڀٽي، ناصر رشيد خانزادو، منظور سومرو ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته پوئنرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.