ماٿيلي ويجهو نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

ميرپور ماٿيلو(ن ع آ) ميرپور ماٿيلو درگاھ عاليه دين شاھ بادشاھ جي ميلي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت، نوجوان جو لاش  گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، والدين کي بيهوشي جا دورا، تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ۾ درگاھ عاليه دين شاھ بادشاھ جي ميلي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان حضور بخش ولد الله ڏنو ڪورائي فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن فوت ٿيل نوجوان حضور بخش ڪورائي جي والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.