لاڙڪاڻي ۾ نينگري پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي سچل ٿاڻي جي حد پوليس ٽريننگ اسڪول ڪالوني جي رهواسي پوليس اهلڪار نظير شيخ جي  15 سالن جي 7 ڪلاس جي شاگردياڻي ڌيءَ فضا شيخ مبينا طور ڀاءُ سان ڪاوڙجي گھر اندر پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو جتي سندس جو علاج هلندڙ آهي. ان موقعي تي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ ناري جي پيءُ نظير شيخ ٻڌايو ته فضا پنهنجي ڀاءُ اياز شيخ سان معمولي ڳالهه تان ڪاوڙجي پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش جنهن تي کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين خودڪشي ڪندڙ ناري جو علاج پڻ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.