رتيديري ۾ پلاٽ تڪرار تان نوجوان تي تشدد

رتوديرو (ن ع آ) رتوديرو ، لاڙڪاڻو روڊ تي پلاٽنگ ڪندڙ ٻن ڌرين ڪنڀر ۽ سومرن وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ هڪ ڄڻو فياض پٽ  شفيع محمد ڪنڀر ڌڪ لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو آندو ويو بعد ۾ کيس لاڙڪاڻي اماڻيو ويو علاج لاءِ آيل زخمي نوجوان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي پلاٽن جي ڀرسان ڊاڪٽر سعيد سومرو جا پلاٽ آهن هن چيو ته گذريل ڏينهن گلاب ، عبدالحق ۽ محمد اسماعيل سومرو مون کي فون ڪري گھرايو ۽ چيو ته توهان پنهنجي پلاٽن جو ٽڪ اسان ڏانهن وڌايو آهي مون کين چيو ته مسئلي جو حل ڪريون ٿا پر هنن منهنجي ڪابه ڳالهه نه ٻڌي ۽ مون مٿان تشدد ڪرڻ بعد مون کي هڪ ڪمري ۾ واڙي ڇڏيو جتان بعد ۾ پوليس اچي مون کي ٻاهر ڪڍي اسپتال آندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.