سيٺارجا لڳ ويسر برادري ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي

سيٺارجا (ن ع آ)سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇتن شاهه بخاري ۾ زمين جي ٻني تان ويسر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن  ۾ هڪ ڌر جا ٽي ڄڻا غلام مصطفيٰ، محمد اڪن ۽ ممتاز ويسر جڏهن ته ٻي ڌر جا ٻه ڄڻا علي گلاب ۽ امتياز ويسر زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي سيٺارجا پوليس ٻنهي ڌرين جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي جڏهن ته هڪ ڌر جي محمد اڪن، غلام مصطفى ۽ ممتاز ويسر ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته مخالفن اسان مٿان زمين تي ڪم ڪرڻ دوران اوچتو حملو ڪري لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪيو آهي ۽ جوابدار بااثر هجڻ ڪري پوليس انهن خلاف ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.