ڌاٻيجي ۾ڦر مزاحمت تي زخمي نوجوان جي حالت خراب، شهر بند، ڌرڻو

ڌاٻيجي( ن ع آ ) گذريل رات دير سان نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن موبائل شاپ تان 10لک گهر کڻي ويندڙ اختر آرائين  کي ڦر دوران مزاحمت تي 2گوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا جنهن جو پيڇو ڪندڙ  عاصم راجپوت ۽ عارف راجپوت کي گوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا پوليس پاران مڪمل ناڪابندي ڪئي پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي شهرين قاري فياض ،شاهد مري، سڪندر پنهور ،عبدالسلام ،حافظ غلام حسين پنهور،مشرف خان جي  پاران شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري ڌرڻو هڻي وهي رهيا  ڊي ايس پي ساڪرو قادر خاصخيلي پهچي ڪري 48ڪلاڪ اندر جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن کي ڌرڻو ختم ڪيو ويو انهي موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهيندي چيو ته بدامني عروج تي پهچي وئي آھي گذريل رات جيڪو واقعو ٿيو آھي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ٿا ڪيون فوري طور جوابدار گرفتارڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.