ڀان سيد آباد ۾ جهيڙو، هڪ عورت جي ڄنگهه ڀڄي پئي

ڀان سيدآباد (ن ع آ)ڀان سيدآباد ويجهو ڳوٺ لطف علي ڀنڊ ۾ ڀنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو دوران ڏنڊا ۽ سروٽا لڳڻ سبب مسمات ريما زال اصغر ڀنڊ سخت زخمي ٿي پئي ، ٽنگ ۾ ڏنڊا لڳڻ سبب  هڪ ٽنگ ڀڄي پئي ، هلڻ ڦرڻ کان لاچار ، دادو اسپتال منتقل ڪيو ويو ، ان سلسلي ۾ ڀنڊ برادري جي ماڻهن عورتن ۽ محصوم ٻارن ۽ زخمي عورت ريمان سان ڳڏجي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب ڀان سيدآباد اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ، ان موقئي تي انور ڀنڊ ، محمد يوسف ، سميرا ڀنڊ ، ضميران ڀنڊ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جون عورتون ڦٽين جي چونڊي تي وڃي رهيون هيون ته جوابدارن ڪامريڊ مرچو ڀنڊ ، ذوالفقار ڀنڊ عباس ۽ ممتاز ڀنڊ لٽين سروٽن سان حملو ڪيو ، حملي دوران لٽيون ۽ سروٽا هڻي  ريما جي جنگه ڀڃي چڏي ، جنهن بحد زخمي ريما کي دادو اسپتال کڻائي ويا سين ، انهن الزام هنيو ته خدآباد پوليس ڳري رشوت وٺي جوابدارن سان ٻٽ بڻجي وئي آهي ، اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناهي ، انهن چيو ته جوابدار ڌر بااثر هجڻ ڪري هتيار بند ويهاري ويٺا آهن اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ڳوٺ مان لڏڻ تي ڌمڪائي رهيا آهن،  انهن چيو ته اسان دادو ڪورٽ مان 22 اي ڪري خدآباد پوليس کي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ ويا سين ته خدآباد پوليس ڪورٽ جي حڪم کي به نه مڃي صاف انڪار ڪندي جواب ڏني، جيڪا اسان غريبن سان وڏي ناانصافي آهي، هنن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.