سونڊا لڳ اسڪول جو ڪم رولڙي جو شڪار، شاگردن جو احتجاج

سونڊا(رپورٽ: ارشاد گندرو) پرائمري بوائز اسڪول سونھري جو ڪم ٽن سالن کان رولڙي جو شڪار، بلڊنگ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگھيو، ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو، سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪچي جھوپڙي  ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور بڻيل، سھولتن جي کوٽ. يونين ڪائونسل سونڊا ۾ 5 ھزار کان مٿي انساني آبادي رکندڙ ڳوٺ سونھري ھونئن تہ ھِن جديد دور ۾ سمورين بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل آھن پر شعور جي ڏياٽي ٻاريندڙ پرائمري اسڪول جي بہ سھولت ھِتان جي رھواسين لاءِ خواب بڻيل آھي. قديمي ڳوٺ ۾ 1945ع ۾ قائم ڪيل گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ ٽٽي تباھ ٿي وڃڻ ڪري ٽي سال حڪومت پاران ٽينڊر جاري ڪري ان جي نئين سِر مرمتي ڪم شروع ڪيو ويو پر ٺيڪيدار اھو جواز ڄاڻائي ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويو آھي تہ کيس بجيٽ ئي ناھي ملي سگھي. جڏھن تہ اسڪول جي بلڊنگ ٽٽي ختم ٿي وڃڻ ڪري ھِن وقت سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڳوٺاڻن پاران پنھنجي پاڻ مدد تحت قائم ڪيل جھوپڙي نما اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري رھيون آھن، جتي پڻ کين وڏين تڪليفن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، فرنيچر، استادن سميت ليٽرين ۽ پيئڻ جي پاڻي کوٽ سبب پريشانين ۾ مبتلا ٿي تعليم پرائي رھيا آھن. ھتان جي ڳوٺاڻن عبدالرحمٰن گندرو، عبدالقادر گندرو، بشير احمد گندرو، وقار احمد گندرو ۽ ٻين روزاني عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو تہ 500 کان مٿي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪول جي سھولت نہ ھجڻ بابت ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي آفيسرن سميت چونڊيل نمائيندن کي شڪايتون ڪيون آھن پر ڪوبہ نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نہ آھي. ھنن چيو تہ مختلف وقتن تي اسڪول جا 4 ڀيرا ٽينڊر اخبارن ۾ آيا آھن پر اسڪول تي ڪوبہ ڪم نہ ٿيو آھي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو تہ فوري نوٽيس وٺي تعليم کاتي پابند بڻائي اسڪول جي بلڊنگ جو ڪم مڪمل ڪرائي تدريسي عمل ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪري سھولتون ڏنيون وڃن.

نصير آباد لڳ پرائمري اسڪول جي عمارت زبون

نصيرآباد(ن ع آ ) نصيرآباد تعلقي جي يوسي ميانداد چنجڻي جي ڳوٺ رسول بخش ڳن جي پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون حال  بڻيل آھي اسڪول ۾ پوري تعلقي جي اسڪولن کان وڌيڪ شاگرد ھجڻ باوجود ھن اسڪول جي ڪنھن بـ مالڪي ناھي ڪئي گھڻا شاگرد ھجڻ جي ڪري اسڪول پڙھڻ ايندڙ ٻارڙا مجبورن زمين تي ويھي تعليم پرائڻ لڳا  پ ٽ الف تعلقا نصيرآباد جي جنرل سيڪريٽري عبدالوھاب بروھي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تـ نصيرآباد تعلقي ۽ يوسي ميانداد چمجڻي جي ڳوٺ رسول بخش ڳن جو اسڪول گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رسول بخش ڳن اسڪول جو شمار هڪ بهترين اسڪولن ۾ ڳڻيو ٿو وڃي ۽ هن اسڪول جي انتهائي وڏي سراسري ۽ داخلا هئڻ ڪري انفرااسٽرڪچر جي سخت کوٽ آھي.هتان جا شاگرد مجبورن هيٺ پٽ زمين تي ويهي ڪري تعليم حاصل پرائي رهيا آهن. اسان اعلي’ آفيسرن کي اپيل ٿا ڪيون ته هن اسڪول جي هر ممڪن مدد ڪري هتان جي شاگردن جي تعليم کي متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي.

داد لغاري ڀرسان اسڪول ۾ تعليمي ميلو

دادلغاري (ن ع آ ) داد لغاري ويجهو ڪينجهر پتافي ۾ انڊس ماڊل اسڪول ۾ علائقي ۾  تعليم جو شعور پيدا ڪرڻ لا۽ تعليمي ميلو منعقد ڪرايو ويو. تعليمي ميلي ۾ مختلف عنوانن اسلامي ,جنرل ناليج ,سائنسي ڪتاب,تاريخ جي ڪتابن سميت,شاه جو رسالو  ۽ ٻين ڪيترين ئي عنوانن تي مشتمل ڪتاب شامل هيا جڏهن ته تعليمي ميلي جو افتتاح تعليمي ماهرن ضمير احمد ڊار,ڪريم بخش پتافي, محمد اسلم لغاري,شفقت حسين منگي ۽ سڌير احمد پتافي ڪئي افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي تعليمي ماهرن ۽ تعليم سان لڳاءُ رکندڙ ماڻهن ۽ نوجوان ۽ مختلف اسڪولن کان آيل پرنسيپال شاهد حسين لغاري ,اسلم لغاري ,شبير احمد شر,شهمير مهر ,غلام عباس پتافي ,غالب ڪريم پتافي ,استاد محمد بخش پتافي ۽ ٻين چيو ته ڪينجهر پتافي اڄ کان ڪجه سال اڳ بدامني جي ور چڙهيل هيو هن علائقي ۾ ماڻهو بدامني جي ڪري اچڻ به پسند نه ڪندا هئا پر هاڻي انهي علائقي اندر انڊس ماڊل اسڪول جهڙا تعليمي ادارا ٻارن کي تعليم جهڙي زيور سان نوازي انهن جي تقدير بدلائي ڇڏي آهي.

محرابپور جي اسڪول ۾ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ماسڪ جي ورڇ

محرابپور (ن ع آ)ڪريم برائيٽ هاءِ سيڪنڊري اسڪول پاران محرابپور شهر ۾ ڪرونا وائرس  جي بچاءَ جي لاءِ ماسڪ ورهايا ويا پرنسپال الطاف حسين سان گڏ اسڪول جي استادن شاگردن ۽ شاگردياڻين محرابپور جي مختلف چوڪن تي بيهي گاڏين ۾ ايندڙ ويندڙ مسافرن کي شهرين کي ڪرونا وائرس جي بچاءَ لاءِ ماسڪ ورهايا ويا ان موقعي تي پرنسپال الطاف حسين سهتو چيو ته ڪرونا وائرس جي بچاءَ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي اسان کي سماجي وٿي ۽ سينيٽائيزر سان هٿ صاف رکڻ ۽ ماسڪ پائڻ جي اصولن تي عملي جدوجهد ڪرڻي پوندي انهيءَ لاءِ ماسڪ ورهائي شعور پيدا ڪري رهيا آهن.

گهوٽڪي ۾ سي ايم او جا اسڪولن جا دورا

گهوٽڪي( ڊ ر ) چيف مانيٽرنگ آفيسر گهوٽڪي ڪاشف علي قريشي چيو آهي ته اسڪولن جي نگراني جو بنيادي مقصد استادن  جي حاضري کي يقيني بڻائڻ آهي ته جيئن تعليمي سرگرميون بهتر طريقي سان جاري رهي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي گهوٽڪي جي مختلف اسڪولن جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته ڪا به قوم بهتر تعليم کان بغير ترقي نه ٿي ڪري سگهي، دنيا جي مهذب ملڪن ۾ تعليم کي خاص اهميت حاصل آهي جتي هر حال ۾ تعليمي سرگرميون جاري رهنديون آهن انڪري هتان جي استادن کي به گهرجي ته هو سچائي ۽ ايمانداري سان قوم جي ٻارن کي تعليم ڏين ته جيئن اسان جي تعليم به بهتر ٿي سگهي. هن چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ خاص طور تي غريب ۽ بي پهچ ٻار پري پري وارن علائقن کان پنڌ ڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا آهن پر جڏهن استاد غيرحاضر هوندو آهي ته ٻارن جي تعليم متاثر ٿيندي آهي اهڙي صورتحال افسوس جوڳي هجي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.