ميهڙ ۾ چوري واپس نه ملڻ ۽ ڏوهارين کي آزاد ڪرڻ خلاف احتجاج

ميهڙ  ( ن ع آ )ميھڙ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ نادر پيٽرول پمپ پرسان شهري غلام مصطفي! چانڊيو جي گهر مان ٿيل لکين رويپن جي  چوري خلاف ايس يو پي اڳواڻ حاجي خان مارفاڻي سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته ميھڙ پوليس اسان جي گھر مان ٿيل چوري جا ڏوهاري پڪڙي سياسي ماڻهن جي مداخلت ۽ پيسن جي عيوض تي آزاد ڪري چڏيا آھن جيڪو سراسر ظلم آھي، هنن چيو ته اسانجي گهر مان الهه تلهه چور چوري ڪري ويا آهن، ميهڙ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نٿي ڪري ۽ ڏوھارين سان ٻٽ بڻيل آھي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو ۽ اعلي! عملدارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته چوري ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري ٿيل لکين روپين جي چوري واپس ڪرائي ايس ايڇ او ميهڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.