ڊگهڙي شهر مان هڪ ئي رات ۾چوري جون 4 وارداتون

ڊگهڙي(ن ع آ ) گذريل رات دير سان نامعلوم چور ملڪ پاڙي ڊگهڙي جي رهواسين ٻن سڳن ڀائرن شفيق ۽ عبدالطيف ملڪ ولد نصيب  علي ملڪ جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ۾ پيل 18لک روپيا روڪ،سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا ٻئي ڀائر گهرن کي تالا هڻي پنهنجي گهرڀاتين سان نوشهروفيروز مائٽن ۾ شادي جي دعوت تي ويل هئا صبح جي ٽائم گهر جي لائٽ ٻرندل ڏسي پاڙي ۾ رهندڙ سندس ڀائر عبدالستار ملڪ ۽ رفيق ملڪ پهتا جن ڏٺو ته گهر جو لڳ ڀڳ 30 لک روپين جي ماليت جو قيمتي سامان،سونا زيور روڪ رقم چوري ٿيل هئي المارين ۽ صندوقن جا تالا ٽٽل هئا گهر مان کين هڪ تيز ڌار لوهي اوزار پڻ ھٿ آيو ٻي طرف شهر جي قائم پاڙي مان علي احمد خاصخيلي جي گهر مان رات دير سان نامعلوم چور ٽي موبائل فون چوري ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته هڪ ٻي وردات ۾ فقير حسين جي فرنيچر جي گدام مان بيٽري پڻ نامعلوم چور چوري ڪري ويا مير جان محمد ڪالوني جي رهواسي محمد علي ملڪ جو موبائل فون پڻ نا معلوم چور چوري ڪري ويا آخري اطلاع تائين سمورين وارداتن جا ڪيس داخل نه ٿي سگهيا هئا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.