ٽنڊي آدم ۾ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج

ٽنڊوآدم ( ت ر ) ٽنڊوآدم ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتاري خلاف  احتجاج ۽ تحفظ جي گهر رپورٽ  موجب ٽنڊوآدم  لڳ ڳوٺ محمد بخش ماڪوڙاڻي جي رهواسي ماڪوڙاڻي برادري جي ماڻهن جي بي سيڪشن پوليس پاران ڳوٺاڻن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ڳوٺاڻن غلام حسين ماڪوڙاڻي ، نادر ماڪوڙاڻي  ،  محمد بخش ماڪوڙاڻي ۽ ٻين دانهيو ته بي سيڪشن پوليس مبينا ڏيتي ليتي ڪري 7 ڳوٺاڻن فيض محمد ، غلام عباس ، غلام رسول ، الله رسول ، الله بخش ، محمد خان ، علي گل ۽ عبدالصمد تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ۽ هڪ ڄڻي غلام حسين کي بي گناھ لاڪ اپ ڪيو آهي . هنن ٻڌايو ته پوليس ڪوڙو ڪيس ختم ڪرڻ لاء رشوت گهري رهي آهي هنن اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.