پورٽ قاسم لاءِ ماسٽر پلان جوڙيو آهي: علي زيدي

ملير (ڊ.ر) وفاقي وزير پورٽ اينڊ شپنگ ۽ ميري ٽائم افيئرز سيد علي حيدر زيدي پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي  چيو ته پورٽ قاسم انڊسٽريل زون کي انفراسٽريڪچر سميت ٻيون سهولتون مهياءَ ڪرڻ لاءِ ماسٽر پلان جوڙيو ويو آهي، جنهن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، هن چيو ته بهتر ڪم لاءِ بهتري ٽيم هجڻ ضروري آهي، مون سان بيورو ڪريسي جو مڪمل تعاون آهي، وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي چيو ته هي آهي اصل پاڪستان، اصل پاڪستان ۾  محمد بخش ٻرڙو جيڪو سنڌ پوليس ۾ اي ايس آءِ آهي هن پنهنجي نياڻي سميت هر شئي داءُ تي لڳائي هڪ مظلوم معصوم نياڻي کي بچايو، وزيراعظم عمران خان اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو سان فون تي ڳالهائي همت افزائي ڪئي ۽ کيس شاباس ڏني، هن چيو ته وزيراعظم مون کي خاص پيغام ڏنو آهي، وزيراعظم پاران آئون اعلان ڪيان ٿو ته پورٽ قاسم جي فنڊ مان پوليس آفيسر محمد بخش ٻرڙو جي نياڻي کي اسڪالر شپ ڏني ويندي ۽ سندن هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، هن چيو ته آئون سنڌ حڪومت کي درخواست ڪريان ٿو خاص ڪري پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، پوليس جي کاتي کي گاڏين سميت ٻيون سهولتون مهياءَ ڪيون وڃن ته جيئن انهن کي ٻئي ڪنهن ڏانهن وانجهائڻو نه پوي، هن چيو ته دنيا ۾ اولڊ پورٽ ۽ نيو پورٽ جو سسٽم هوندو آهي اسان وٽ ڪي پي ٽي پراڻو ۽ پي ڪيو اي نئو پورٽ آهي، دنيا ۾ پورٽ شهر کي هلائيندا آهن اسان وٽ به مشرف دور ۾ ڪي پي ٽي پاران پلون ۽ انڊرپاس ٺاهيا ويا، دنيا ۾ اهي فنانشلي بزنس هوندا آهن جيڪي اسان وٽ نه آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.