خراب مالي حالت سبب فيس وڌائي آهي: سنڌ يونيورسٽي ترجمان

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان نادر علي مغيري مختلف سرٽيفڪيٽن جي فين ۾ واڌ کي جائز قرار ڏيندي واضح  ڪيو آھي ته يونيورسٽي جي خراب مالي حالت ۽ مھانگائي جي پيش نظر فين ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا مختلف شعبن ۾ زير تعليم شاگردن ۽ شاگردياڻين تي لاڳو نه ٿيندي، کين مارڪ سرٽيفڪيٽ معمول موجب سندن لاڳاپيل شعبن ذريعي مفت ڏنا ويندا. مڪمل ڄاڻ بنا مذمتي بيان جاري ڪندڙ ڌرين کي حقيقتون ڄاڻڻ ۽ ذميواري جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي. پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران ملندڙ گرانٽ مان ملازمن کي ماھوار اڌ پگھار ڏئي سگھجي ٿي، جڏھن ته باقي اڌ پگھار ۽ ٻيا آپريشنل خرچ يونيورسٽي کي پاڻ ادا ڪرڻا پون ٿا، ھن وقت يونيورسٽي تي 70 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ بئنڪن جو قرض آھي، جيڪو اڳوڻي انتظاميه وٺي خبر ناھي ڪھڙي مد ۾ خرچ ڪيو، ان قرض جي مد ۾ ماھوار لکين رپيا وياج ادا ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.