خالد محمود سومرو ڪيس ۾ جوابدار کي مهلت

سکر(رپورٽر) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت سکر ۾ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدار ڌر  جي وڪيل پاران مهلت گھرڻ تي عدالت ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جنهن سبب سرڪاري گواهن جا بيان قلم بند ناهن ٿي سگھيا، ٻڌڻي دوران شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو پٽ طارق محمود سومرو، اقبال احمد سومرو، اطهر عباس سولنگي ۽ ٻيا پيش ٿيا، ياد رهي ته 6 سال اڳ سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن هٿان جي يو آءِ جي مرڪزي اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلندڙ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.