خانپور مهر ۾ دڪان کي باهه، سامان رک

خانپورمهر (ن ع آ) خانپورمهر جي جامع مسجد پاڙي ۾ قائم ممتاز مهر جي ڪپھ جي دڪان کي ڪپهھ صاف ڪندڙ مشين جي انجڻ مان  باھ لڳڻ ڪري دڪان ۾ پيل سموري ڪپھ، سولر پليٽون ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو. باھ ڀرواري علي بخش مڱڻهار جي ڪٻاڙ جي دڪان کي پڻ نقصان پهچايو، اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ جي گاڏي پهچي وئي، جنهن بعد فائر برگيڊ عملي دڪان کي لڳل باھ تي ضابطو آڻي ورتو. هوڏانهن متاثر دڪاندار ممتاز مهر ميڊيا کي ٻڌايو ته باھ سبب دڪان ۾ پيل سمورو سامان سولر پليٽون ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو جنهن ڪري مونکي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، متاثر دڪاندار وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.