ڏوڪري ۾ تعليمي ميلو شروع، علم کانسواءِ عقل نه ايندو:مقرر

ڏوڪري (رپورٽ:قاضي آفتاب) ڏوڪري ۾ ٻن ڏهاڙن وارو تعليمي ميلو شروع ٿي ويو. ايجوڪيشنل سوسائٽي پاران غلام مصطفيٰ جتوئي ميموريل لائبيريري جي سهڪار سان  لڳايل ميلي جو افتتاح در محمد پٺاڻ، عبدالڪريم سومرو پرنسيپال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڏوڪري،  نثار احمد سولنگي، محمد رمضان جوڻيجو، صحافي زرار پيرزادو، رحمان هيسباڻي، ۽ ٻين ڪيو. ميلي ۾ ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا آهن جتي شاگردن پاران ڪتابن جي خريداري هلندڙ آهي. تعليمي ميلي جي افتتاحي تقريب ٿي گذري. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي نامياري ليکڪ، محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ چيو تہ سنڌ اندر تعليم جي ميدان ۾ وڏي انقلابي تبديليءَ جي ضرورت آهي. سموري تعليمي نظام کي بدلائي جديد دور جي تقاضائن مطابق بڻائڻو پوندو. ليکڪ ۽ محقق عيسيٰ ميمڻ چيو تہ ھي تعليمي ميلو منعقد ڪرڻ جو مقصد نوجوان نسل کي اھو شعور ۽ آگاهي ڏيڻ آهي. صحافي ۽ ليکڪ زرار پيرزادي چيو تہ ڏوڪري تعليمي ميلو سجاڳيءَ جو انقلاب آھي، جيڪو سڄي سنڌ ۾ رول ماڊل جو ڪردار ادا ڪندو. ڏوڪريءَ ۾ ٿيندڙ هن ايجوڪيشنل فيسٽيول جي سڄي سنڌ ۾ آجيان ٿي آھي ۽ ان سلسلي کي اڳتي به جاري رکڻ گهرجي. ڊاڪٽر ذوالفقار راھوجي چيو تہ ڏوڪري تعليمي ميلو شاندار ڪاوش آهي. سنڌ جي ھر ضلعي، تعلقي ۽ هر شھر ۾ ھن قسم جا تعليمي ميلا ٿيڻ گهرجن. لياقت ميراڻيءَ چيو تہ تعليم ئي هڪ اهڙو هٿيار آهي، جنهن سان قومون ترقيءَ جي ميدان ۾ سوڀ حاصل ڪري سگهنديون آهن. گسٽا تعلقي ڏوڪريءَ جي صدر نثار احمد سولنگيءَ ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي ڏوڪريءَ جي ڪاوشن کي ساراھيندي چيو ته سموري سنڌ اندر تعليم کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ نوجوانن کي اھڙيون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي ميموريل ڊگري ڪاليج ڏوڪريءَ جي پرنسپال عبدالڪريم سومرو چيو تہ فقط علم ئي منزل تي پھچائڻ جو وسيلو آهي. صحافي محمد رمضان جوڻيجي چيو تہ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کان وٺي سوڀي گيانچنداڻي، انور پيرزادي ۽ عيسيٰ ميمڻ تائين ڏوڪريءَ وڏا نالا پيدا ڪيا آهن. جن سڄي سنڌ ۾ نالو روشن ڪيو آهي. ان موقعي تي رحمان ھيسباڻي، محمد علي ميمڻ، علي بخش پٺاڻ، حسين ڪنڀر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

مظلومن جي ڪم نه ايندڙ بيڪار آهي:نثار کوکر

ڏوڪري: ايجوڪيشنل فيسٽيول ڏوڪريءَ جي ٻئي سيشن ۾ مختلف تعليمي ماھرن تعليم سان لاڳاپيل ڌار ڌار موضوعن تي پنهنجي  خيالن جو اظهار ڪيو. پروگرام ۾ نوجوان تعليمي ماھر قدير ڪانڌڙي چيو تہ دنيا ۾ آن لائن لرننگ جو سلسلو شروع ٿيو آهي ان مان اسان کي به ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي. مظهر علي ڏوتئي چيو تہ اسان انٽرنيٽ ذريعي سموري دنيا سان ڳنڍيل آهيون ان ڪري اسان کي پنهنجي سوچ کي تبديل ڪري وسيع بڻائڻ پوندو. سينئر صحافي نثار کوکر چيو تہ علم جيسيتائين مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جي حق ۾ استعمال نٿو ٿئي تہ اھڙو علم بيڪار آهي. ھن تعليمي ۾ وڏي تعداد ۾ نوجوان ڏسي اعتماد پختو ٿيو آهي ته هو بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلي لھرون ضرور اڀاريندا. نثار ڪنڀر چيو تہ ٻارن جي تعليم سان گڏوگڏ ٻارن جي چڱي نموني رھنمائي ۽ تربيت ڪرڻ جي بہ تمام گهڻي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي نوجوانن کي ڊگري وٺڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ واري فرق کي به سمجهڻو پوندو. علي رضا جلباڻيءَ چيو تہ اسان کي اڪيڊمڪ تعليم سان گڏ اھڙي علم جي ضرورت آهي، جيڪو شعور کي اجاگر ڪري. تعليم حاصل ڪرڻ جو سبب رڳو سٺي پوسٽ وٺڻ نہ ھئڻ گھرجي پر اسان کي سياسي ۽ سماجي علم به سکڻا پوندا. پروگرام جي ڪارروائي ياسين چانڊيو ۽ اقرا شهمير سومرو ھلائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.