ميان صاحب لڳ چوري، پوليس پيرا وڃائي واپس ميان صاحب لڳ چوري، پوليس پيرا وڃائي واپس

ميان صاحب ( ن ع آ  ) ميان صاحب ڀرسان سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد عبدال شاخ وٽ ڪالهہ رات جو دير سان نامعلوم چور حسين احمد  بکراڻي ، عبدالخالق بکراڻي ۽ حافظ حسين بخش شيخ جي دڪانن جا تالا ٽوڙي هزارين رپين جي چوري ڪري ويا اطلاع ملڻ تي سلطان ڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي متاثر دڪاندارن کان چوري واقعي بابت تفصيل ورتا جڏهن تہ چورن جا پيرا کڻڻ لاء پيراڊو آندو ويو جنهن پيرا کنيا اطلاع آهن تہ چور سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي عبدال شاخ واري پوليس چوڪي جي ڪمري جا بہ تالا ٽوڙيا پر چوري نہ ڪري سگهيا سلطان ڪوٽ پوليس ۽ ڳوٺاڻن چورن جا پيرا کنيا جيڪي 2 ڪلو ميٽرن تائين وڃائي موٽي آيا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.