روهڙي لڳ هٿياربندن هٿان نوجوان اغوا، احتجاج

سکر(رپورٽر) روهڙي جي وڏي پٽڻي واري علائقي جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات امير زادي ڍنڍڻ پنهنجي ننهن سان گڏ سکر  پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدار ذوالفقار مٺو ۽ ٻين منهنجي پٽ محمد دين کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري نامعلوم هنڌ کڻي ويا آهن.واقعي جو اطلاع پٽڻي پوليس کي ڏيڻ باوجود جوابدارن خلاف ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي ۽ نه ئي منهنجي پٽ کي بازياب ڪرايو ويو آهي، هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.