باقراڻي پوليس نوجوان گم ڪري ڇڏيو، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ طالباڻي جت جي رهواسڻ عورت سڪينه ميرجت پنهنجي پوٽي صنم ميرجت سان گڏجي  ٽي ڏينهن اڳ پوليس هٿان مبينا گرفتار ڪري گم ڪيل نوجوان پٽ جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي سڪينه خاتون ميرجت دانهيو ٽي ڏينهن اڳ منهنجو نوجوان پٽ عبدالمجيد ميرجت لاڙڪاڻي شهر دوا وٺڻ لاءِ گهران نڪتو هو. هن الزام لڳايو ته پٽ کي پوليس بيگناهه گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان سمورا گهرڀاتي سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون ۽ پوليس به ڪجھ ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي خدشو آهي ته پٽ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويندو. هن چيو ته پٽ جا معصوم ٻارڙا پنهنجي پيءُ کي ياد ڪري ڏينهن رات روئيندا رهن ٿا. منهنجي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ کي آزاد ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي رشيد  وڳڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور احمد مغيري صحافين کي ٻڌايو ته نوجوان جي گرفتاري بابت ڪائي ڄاڻ ناهي ۽ نه ئي وري ڪو اسان وٽ اهڙي واقعي جو ڪيس کڻي آهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.