ٽنڊي غلام علي ۾ 7 ڪلاس جو شاگرد ڊينگي بخار وگهي فوت

ٽنڊو غلام علي(ن ع آ)ٽنڊوغلام علي لڳ ڳوٺ حاجي سليمان پهوڙ ۾ 7 ڪلاس جو شاگرد 14 ورھين جو نينگر ياسر نواز ولد علي  نواز پهوڙ ڪجھ ڏينهن کان سخت بخار ۾ مبتلا ٿيڻ سبب کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو, فوتي جي عزيزن موجب ته  سندس ٽيسٽن ۾ کيس ڊينگي بخار جي تصديق ٿي هئي جنهن ۾ هو فوت ٿي ويو, ٻئي طرف لاش گهر ۾ پهچڻ تي قهرام مچي ويو ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ ڇائنجي ويو,   کي ڍيگي مڇر جي چڪ لڳڻ سبب نينگر سخت  بيمار ٿي پيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.