سجاول ۾صحافي جي ڀاءُ سوڌو 2 ڄڻا کنڀي گم، احتجاج

سجاول (ڊ ر ) سجاول ۾  ٽنڊو غلام حيدر جي صحافي روزاني عوامي آواز جي عيوضي غلام مرتضي لغاري جي وڏي ڀاءُ غلام  مصطفي لغاري ۽ سندس ماسات عبدالله لغاري کي ٽنڊو محمد خان جي ڪورٽ ٻاهران مبينا طور ٺٽو پوليس پوليس بنا جواز گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏڻ خلاف سجاول جي صحافين امتياز علي سومرو  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، انهي موقعي تي سجاول جي صحافين پوليس جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي آئي جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته روزاني عوامي آواز جي عيوضي غلام مرتضي لغاري جي وڏي ڀاءُ ۽ سندس ماسات کي فوري طور بازياب ڪرائي ملوث پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.