لاڙڪاڻي جا 6 کنڀيل اڃا قيد، وارثن جو تصويرون کڻي احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل ٽن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارث عورتن پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بئنر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک  هڙتال ڪئي. ان موقعي تي پيرسن عورت رحمت خاتون سومرو، افسانه دايو، اقصيٰ دايو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي مان 29 مئي 2017ع تي درزي انصاف دايو کي سندس درزي جي دڪان تان کنڀي گم ڪيو ويو جنهن کي 3 سال ساڍا 5 مهينا گذري ويا آهن پر اڃان تائين هو آزاد نه ٿي سگهيو آهي، صدمي ۾ سندس امڙ جي طبيعت مسلسل خراب آهي، گذريل 23 آگسٽ تي ڪراچي جي لاسي ۽ وزير ڳوٺن مان لاڙڪاڻي کنڀي گم ڪيل ٻن درزي ڀائرن شيراز احمد ۽ فراز سومرو 2 مهينا 22 ڏينهن گذري ويا آهن، پر اڃان تائين سندن بابت ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، هڪ گهر جا ٻه نوجوان کنڀجڻ تي گهر ۾ قهرام متل آهي. احتجاج ڪندڙ عورتن وڌيڪ چيو ته کنڀي گم ڪيل اسان جا پورهيت نوجوان انصاف دايو، شيراز احمد ۽ فراز سومرو درزڪو ڪم ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندا هئا، جن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهر ۾ فاقا آهن، جنهن سبب اسان سخت پريشان آهيون، مسلسل احتجاجن باوجود ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي. هنن وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي نوجوانن کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.