مٺي ۾ٿر آرٽ ،ڪرافٽ ۽ لٽريچر فيسٽيول جاري

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿر آرٽ ،ڪرافٽ ۽ لٽريچر فيسٽيول مٺي ٻئي ڏهاڙي جاري رهيو، يوٿ ڪانفرنس، انساني حقن، ڪرمنل  جسٽس، ڪبير داس ۽ ڀڳتي تحريڪ، ٿر جي لوڪ ادب تي سيشن ٿيا، فيسٽيول ۾ اڳوڻي اي آئي جي غلام قادر ٿيٻو صدارتي خطاب ڪيو، فيسٽيول ۾ ٿيندڙ سيشنز ۾ پشپا ڪماري، دولت رام کتري، سيد اڪبر شاهه، منظور ٿهيم، دليپ دوشي، پروفيسر ولي محمد منڱريو، امتياز نور ڪنڀار، چمن آر ٿري، راج آسناڻي ،شڪيل جنهنجي ،دين محمد درس، درشنا ڪماري اسپيڪر طور شرڪت ڪئي، انهي موقعي تي اي آئي جي غلام قادر ٿيٻو چيو ته انسان سڀ برابر آهن اسلام ۾ انساني حقن جي وڏي اهميت آهي، اسان سڀ قانون جي سامهون برابر آهيون، اظهار جي آزادي ۽ سوشل سيڪيورٽي اسان جو حق آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ ٿيندڙ سماجي براين جي واقعن سبب اسان جو ڪنڌ شرم وچان جهڪيل آهي، تعليمي حوالي سان سجاڳي جي ضرورت آھي جنهن لاءِ سول سوسائٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ريڊيو اسٽيشن ڊائريڪٽر سيد اڪبر شاهه چيو ته اسان جيڪڏهن پنهنجي ذات سان انصاف نه ٿا ڪري سگهون ته اسان سماج اندر ٻين سان ڪيئن انصاف ڪري سگهنداسين، جبري مذهبي تبديلي جي حوالي سان سماجي ڪارڪن پشپا ڪماري چيو ته هتي نياڻين جي جبري مذهبي تبديلي جا واقعا پيش اچن ٿا انهي جي روڪٿام لاءِ قانون جوڙيو وڃي، هن چيو ته وومين پروٽيڪشن بل تي باقاعده عمل ٿيڻ گهرجي، يوٿ ڪانفرنس ۾ نوجوانن امتياز نور ڪنڀر، راج آسناڻي، شڪيل جنهنجي ،دين محمد درس، درشنا ڪماري . دولت کتري چيو ته نوجوان آئيندي جا ابا آهن، اسان جي نوجوانن کي تعليم سان گڏوگڏ هنر پڻ سکڻ گهرجي، ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ڏانهن لاڙي سان ئي نوجوان پنهنجي روزگار ۽ هنر مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، هنن چيو ته آن لائن بزنس هن وقت عروج تي آهي، دنيا ۾ آن لائين ڪاروبار کي اهميت ڏني وڃي ٿي، اسانجي نوجوانن کي پڻ انهي پاسي لاڙو ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته ڪبير داس ۽ ڀڳتي تحريڪ تي منظور ٿهيم، دليپ دوشي، ٿر جي لوڪ ادب تي پروفيسر ولي محمد منڱريو پنهنجا ويچار ونڊيا، فيسٽيول ۾ ڪتابن ۽ ٿر جي ثقافتي شين جي اسٽالن تي رش لڳل رهي، جڏهن ته نوجوان راڳي منيش ڪمار راڳ ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.