اڄ قلم جي ڀيٽ ۾هٿيار هيڻو آهي: مقرر

ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊ ) ڪلوئي ديوالي جي موقعي تي کيتلاري جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو يوٿ فورم پاران "تعليمي سجاڳي”  جي  سري هيٺ سيمينار ٿيو، جنهن ۾ اسڪولي شاگردن پاران ٽيبلوز، خاڪا پيش ڪيا ويا ۽ تقريرون پڻ ڪيون ويون، ان موقعي تي استاد خالد نهڙي، سينئر صحافي منيش ڪمار، راهول ديو، ڪنهيا لال، چيتن، ڀيمراج ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته دنيا ۾طاقت جو توازن تبديل ٿي چڪو آهي، اڳي هٿيارن جي زور تي سوڀون حاصل ڪبيون هيون پر هاڻ قلم جي ڀيٽ ۾ هٿيار هيڻو آهي، تعليم يافته قومون ئي دنيا تي راڄ ڪري رهيون آهن، ان ڪري مظلوم قلمن جو آجپو تعليم ۾ آهي اسان کي تعليم تي ئي زور ڏيڻ گهرجي، هنن وڌيڪ چيو ته تعليم جي حوالي ٻهراڙي تمام پٺتي رهجي ويل آهي، جنهن جو سبب تعليم بابت سڄاڳي نه هجڻ آهي، اڄوڪي سيمينار جهڙا سيمينار ٿيندا رهن ته گهڻي تبديلي اچي سگهي ٿي، آخر ۾ تقريري ۽ ٽيبلوز مقابلي ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين محبت راء، ڪنور دلشاد، رڪيش ڪمار، مرڪ، وڪيلا، ورشا، راول هنجهڙو، بلاول ڪنڀر، امرت ۽ ٻين کي شيلڊون ڏنيون ويون ۽ دولت دلشاد پاران سمورن شاگردن کي سنڌي ثقافت اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.