پي ايس ايل: لاهور قلندرز ڪامياب، پشاور زلمي ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ايليمينيٽر ون ۾ لاهور قلندرز جي ٽيم پشاور زلمي کي شڪست ڏئي ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي پشاور زلمي شعيب ملڪ جي 39 ۽ ولجوئن جي 37 رنسن جي اننگز جي مدد سان مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنسون ٺاهيون.

جواب ۾ لاهور قلندرز دلچسپ مقابلي کانپوءِ 19 اوورن ۾ ٽارگيٽ پورو ڪري پشاور زلمي کي ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

لاهور قلندرز طرفان محمد حفيظ ناٽ آئوٽ 74 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.

ان کان اڳ ڪراچي جي ٽيم ملتان کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي هئي، هاڻ لاهور جي ٽيم ملتان سان مهاڏو اٽڪائيندي ۽ فاتح ٽيم فائنل تائين پهچ حاصل ڪري ڪراچي سان مقابلو ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.