”ڀارتي دهشتگردي بابت ترديد نه ٿيڻ جوڳين شاهدين کانپوءِ دنيا چُپ نٿي رهي سگهي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت جي دهشتگردي بابت ترديد نه ٿيڻ جوڳين شاهدين کانپوءِ دنيا چُپ ۽ لاتعلق نٿي رهي سگهي.

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته اسان پاڪستان ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي جون ترديد نه ٿيڻ جوڳيون شاهديون فراهم ڪري ڇڏيون آهن.

هن چيو ته مالي ۽ مادي امداد جي تفصيلن سان گڏوگڏ دهشتگردي ۾ ڀارتي رياست جي سڌي ريت ڪردار جا تفصيل دنيا سامهون رکيا ويا آهن، جيڪا انهن شاهدين جي موجودگي ۾ هاڻ وڌيڪ خاموش يا لاتعلق نٿي رهي سگهي.

عمران خان موجب اسان اميد ٿا ڪيون ته عالمي برادري دهشتگردي ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ هزارين معصوم انسانن جي قاتلن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ ڀارت کي مجبور ڪندي.

سندس چوڻ هو ته اسان جون بهادر ۽ باهمت ايجنسيون ۽ فوج پنهنجي ماڻهن جي تحفظ لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه نڇاور ڪرڻ جو سلسلو جاري رکنديون.

وزيراعظم چيو ڪو شڪ باقي نه رهڻ گهرجي ته اسان پنهنجي سرزمين جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا، پنهنجي اجتماعي قومي عزم سان وطن جي بچاءَ جو فرض انجام ڏيندا رهنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.