49 سيڪڙو پاڪستانين مهانگائي جو ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريسرچ ڪمپني آئپساس (Ipsos) پاڪستان جي سروي ۾ 49 سيڪڙو ماڻهن مهانگائي جو ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو.

ريسرچ ڪمپني مهانگائي جي حوالي سان سروي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي ۽ اها سروي سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن کان ڪئي وئي.

رپورٽ موجب 49 سيڪڙو ماڻهن مهانگائي جو ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏنو، جڏهن ته 17 سيڪڙو صوبائي حڪومتن ۽ 15 سيڪڙو ماڻهن اها ذميواري گذريل حڪومتن تي وڌي.

سروي ۾ 97 سيڪڙو ماڻهن مهانگائي سان متاثر ٿيڻ جو چيو، جڏهن ته 88 سيڪڙو مهانگائي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.