ڀارت ڪو به وڏو دهشتگرد واقعو ڪري سگهي ٿو، سياستدان خيال ڪن: شيخ رشيد

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڀارت ملڪ ۾ ڪو به وڏو دهشتگرد واقعو ڪري سگهي ٿو.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ڀارت، پاڪستان کي اندروني طور تباهه ڪرڻ چاهي ٿو پر سرحدن کي نقصان نٿو پهچائي سگهي، ڇو ته اهو پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙڻ ۾ ناڪام رهيو.

هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ پهريون ڀيرو سمورين سياسي جماعتن وڏا جلسا ڪيا آهن، سياستدان پنهنجي سيڪيورٽي جو خيال رکن، ”را“ ڪنهن کي به نقصان پهچائي سگهي ٿي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت ملڪ ۾ ڪو به وڏو دهشتگرد واقعو ڪري سگهي ٿو، اسان جنگ نٿا چاهيون پر مڙهي وئي ته ٻچو ٻچو ملڪ جي حفاظت ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.