آصف زرداري جو رجسٽرار آفيس جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ٻڌڻي هيٺ ريفرنس ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سان رابطو ڪري ورتو.

آصف زرداري ريفرنس ڪراچي منتقل ڪرڻ جي معاملي تي رجسٽرار آفيس جي فيصلي خلاف داخل درخواست ۾ اپيل ڪئي آهي ته رجسٽرار آفيس جو 10 نومبر فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وڃي.

اڳوڻي صدر چيو آهي ته رجسٽرار آفيس جو فيصلو آئين ۽ قانون ۽ سپريم ڪورٽ جي اصولن خلاف آهي، درخواست گذار جو آئيني حق آهي ته هو سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائي.

پ پ جي شريڪ چيئرمين موجب رجسٽرار آفيس جو فيصلو قانون جي نظر ۾ برقرار نٿو رکي سگهجي، درخواست گذار خلاف جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ ريفرنس به داخل ٿي چڪو.

واضح رهي ته رجسٽرار آفيس اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف داخل پارڪ لين سميت 4 ريفرنسز جي ڪراچي منتقلي جي درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.