اسٽيبلشمينٽ سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿينديون؟ راڻا ثناءُ الله ٻڌائي ڇڏيو

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته گلگت بلتستان جي چونڊن کي شفاف نٿا چئي سگهون، اتي پري پول ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي.

ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته هي ملڪ ووٽ جي طاقت سان ٺهيو ۽ ووٽ جي طاقت سان ئي هلائڻ گهرجي، پي ڊي ايم تحريڪ مرحلي وار هوندي، جلسا پهريون مرحلو ۽ ٻيو مرحلو اڃا رهيل آهي.

هن چيو ته نواز شريف جو 1992 کان سويلين بالادستي جو ئي موقف آهي، ملتان ۾ پي ڊي ايم جو جلسو سليڪٽرن لاءِ پيغام هوندو، پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون رڳو اهي ئي ٿينديون ته سياست ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.