خواجه آصف جي گھرواريءَ ۽ پٽ سوڌو 9 ڄڻن تي ڪيس داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاقي وزير خواجه آصف جي گھرواري مسرت خواجه، پٽ اسد خواجه، اڳوڻي ميئر سيالڪوٽ توحيد اختر سوڌو 9 ڄڻن تي اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر سيالڪوٽ جوابدارن جي خلاف سرڪاري ناڻي کي گڏيل طور تي 7 ڪروڙ 80 لک رپين جو نقصان رسائڻ تي ريفرنس اينٽي ڪرپشن کي موڪليو هو، ڊپٽي ڪمشنر سيالڪوٽ اينٽي ڪرپشن کي ريفرنس ۾ 9 ڄڻن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي جوابدارن غير قانوني طور تي سرڪاري زمين کي سوسائٽي ۾ شامل ڪري سرڪاري ناڻي کي 6 ڪروڙ 50 لکن جو نقصان رسايو.

ريفرنس جي متن موجب سوسائٽي مالڪ سرڪاري زمين استعمال ڪرڻ جي مد ۾ 1 ڪروڙ 30 لک جا به پيئرز آهن ڪينٽ هائوسنگ سوسائٽي اڳوڻي ميئر سيالڪوٽ چوڌري توحيد ۽ خواجه آصف جي گھرواري ۽ پٽ اسد جي ملڪيت آهي ڪينٽ هائوسنگ سوسائٽي ۾ عوام هنڌن اوپن ايريا، ڪميونٽي سينٽر ۽ قبرستان لاءِ مختص زمين کي پلاٽ ٺاهي وڪرو ڪيو ويو. ڪينٽ هائوسنگ سوسائٽي کي 137 ڪينالن تي رجسٽرڊ ڪرائي بعد ۾ غير قانوني طريقي سان 281 ڪينال وڌيڪ شامل ڪيو ويو.

اينٽي ڪرپشن پنجاب جو چوڻ آهي ته پرائيويٽ هائوسنگ اسڪيم رولز تحت ڪنهن به منظور ٿيل هائوسنگ اسڪيم سواءِ قبرستان جي لوڪيشن جي ڪا به تبديلي نٿي ڪري سگھجي. سڄي پنجاب ۾ اينٽي ڪرپشن ضلعي انتظاميا سان گڏجي غير قانوني رهائشتي اسڪيمن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. سڄي پنجاب ۾ بدعنواني ۽ ڪرپٽ عنصرن جي خلاف بنا فرق جي ڪارروائيون جاري رهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.