رياستي سرپرستي ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي: شبر زيدي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته ارب پتي اسيمبلي ميمبر رياستي سرپرستي ۾ ڪرپشن ڪندا آهن.

فيڊرل بورڊ آف روينيو جي اڳوڻي چيئرمين خاموشي ٽوڙيندي پنهنجي کليل خط ۾ ناڪاميءَ جا سبب ٻڌايا آهن.

شبر زيدي چيو آهي ته سموري ڪرپشن اندورني طور ڪئي پئي وڃي ۽ اثاثن جا گوشوارا ان کي جاچڻ جو هڪ ذريعو آهي، ارب پتي پارليامينٽ ميمبر ڄاڻين ٿا ته ڪيئن ٽيڪس پلاننگ ڪرڻي آهي ۽ اها ئي رياست جي سرپرستي ۾ ڪرپشن آهي.

سندس موجب الزام ڪنهن تي نٿو ڏئي سگهجي، مون کي هڪ موقعو مليو پر ناڪام رهيس، رب پاڪ کي جوابده آهيان، ان نظام ۾ بهتري لاءِ ضروري آهي ته وڌ کان وڌ ڄاڻ سامهون آندي وڃي.

هن چيو معاشرو انهن شين کي بهتر طور ڄاڻي ٿو ته پنهنجي مفادن لاءِ بي رحماڻي طريقي سان منهن ڏيڻو آهي ۽ پاڪستان موجوده حالتن ۾ ڪڏهن بهتر نه ٿي سگهندو.

واضح رهي ته شبر زيدي 10 مئي 2019 کان 8 اپريل 2020 تائين ايف بي آر چيئرمين رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.