پکو ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو،ٻارڙي ۽ مينهن کي ڏاڙهي وڌو

پکو ڀرسان وڳڻ شھر سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو ، شھر ۾ رولو ڪتن ٻارڙي ۽ هڪ مينھن سميت ٻن ڳئن کي ڏاڙهي سخت زخمي ڪري وڌو جڏھن ته ڪتا مار مهم شروع نه ڪرڻ تي شھرين پاران ٽائون آفيسر زوهيب وڳڻ ۽ ايڊمنسٽريٽر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائون انتظاميا جي نااھلي خلاف سخت نعري بازي پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ممتاز علي سومرو،  اعجاز علي مغيري ۽ مدد علي وڳڻ جو چوڻ هو ته وڳڻ شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي ،سندن ٻارڙا اسڪول ويندي توڙي ٻاهر نڪرندي غير محفوظ آهن ،هنن مطالبو ڪيو ته فور ي طور تي ڪتا مار مهم شروع ڪرائي علائقي واسين کي تحفظ ڏياريو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.