موسيات کاتي ڪراچي ۾ برسات ۽ ٿڌ ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ برسات ۽ ٿڌ وڌڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

چيف ميٽرولاجسٽ ڪراچي سردار سرفراز موجب ملڪ ۾ داخل ٿيندڙ اولهه سلسلي سبب اتر بلوچستان ۾ برسات جو امڪان آهي، جنهن جا اثر ڪراچي تي به پئجي سگهن ٿا.

سندس چوڻ هو ته 17 نومبر کان صبح ۽ رات جي وقت گرمي پد ۾ 2 کان 3 سينٽي گريڊ گهٽتائي ۽ سيءَ ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.

موسميات کاتي موجب ڇنڇر جي شام شهر جو گهٽ کان گهٽ پارو 15.5 ڊگري، جڏهن ته گهم جي شرح 62 سيڪڙو رڪارڊ ٿي، وڌ کان وڌ گرمي پد 33.6 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڇنڇر ڏينهن سامونڊ جون ڏکڻ اولهه پاسي جون هوائون 14 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هليون، جڏهن ته آچر ڏينهن موسم خشڪ رهڻ ۽ صبح جي وقت ڪوهيڙي جو امڪان آهي.

آچر ڏينهن گهٽ کان گهٽ پارو 15 کان 17 ۽ وڌ کان وڌ 31 کان 33 ڊگري جي وچ ۾ رهي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.