ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 17 حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 165 نوان ڪيس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ فعال ڪيسن جو انگ 24 هزارن کان وڌي ويو، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 17 ڄڻا فوت به ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 2 هزار 165 نوان ڪيس سامهون آيا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا جي مجموعي ڪيسن جو انگ 3 لک 54 هزار 461 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جا فعال ڪيس به وڌي 24 هزار 938 ٿي ويا آهن، جڏهن ته هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 17 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوت ٿيندڙن جو ڪُل انگ 7 هزار 109 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.