ڏوڪري: 2 ڏهاڙن وارو تعليمي ميلو شروع ،ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا

ڏوڪري ۾ ٻن ڏهاڙن وارو تعليمي ميلو شروع ٿي ويو ، ايجوڪيشنل سوسائٽي پاران غلام مصطفيٰ جتوئي ميموريل لائبيريري جي سهڪار سان  لڳايل ميلي جو افتتاح، ناليواري اديب ۽ ليکڪ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، عبدالڪريم سومرو پرنسيپال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڏوڪري، نثار احمد سولنگي ، محمد رمضان جوڻيجو سرپرست اعلي پريس ڪلب ڏوڪري، سينئر صحافي زرار پيرزادو، رحمان هيسباڻي، ۽ ٻين ڪيو. تعليمي ميلي ۾ سياسي، سماجي، ادبي شخصيتن ،صحافين، شهرين  ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ميلي ۾ ڪتابن جا اسٽال پڻ  لڳايا ويا جتي شاگردن پاران ڪتابن جي خريداري پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تقريب کي خطاب ڪندي نامياري ليکڪ، محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ چيو ته سنڌ اندر تعليم جي ميدان ۾ وڏي انقلابي تبديليءَ جي ضرورت آهي. سموري تعليمي نظام کي بدلائي جديد دور جي تقاضائن مطابق بڻائڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ڏوڪري ايجوڪيشنل فيسٽيول کي ڏسي اھو اعتماد پختو ٿيو آهي ته اسان جو نئون نسل درست واٽ تي آھي.

نوجوان ليکڪ ۽ محقق عيسيٰ ميمڻ چيو ته ھي تعليمي ميلو منعقد ڪرڻ جو مقصد نوجوان نسل کي اھو شعور ۽ آگاهي ڏيڻ آهي ته تعليم جو مقصد رڳو نوڪريءَ جو حصول ناھي پر پنهنجي ڌرتي، قوم، ٻوليءَ ۽ سماج جي خدمت ڪرڻ به آھي.

نامياري صحافي ۽ ليکڪ زرار پيرزادي چيو ته ڏوڪري تعليمي ميلو سجاڳيءَ جو انقلاب آھي، جيڪو سڄي سنڌ ۾ رول ماڊل جو ڪردار ادا ڪندو. ڏوڪريءَ ۾ ٿيندڙ هن ايجوڪيشنل فيسٽيول جي سڄي سنڌ ۾ آجيان ٿي آھي ۽ ان سلسلي کي اڳتي به جاري رکڻ گهرجي.

ڊاڪٽر ذوالفقار راھوجي چيو ته ڏوڪري تعليمي ميلو شاندار ڪاوش آهي. سنڌ جي ھر ضلعي، تعلقي ۽ هر شھر ۾ ھن قسم جا تعليمي ميلا ٿيڻ گهرجن.

ان موقعي تي  لياقت ميراڻيءَ ،نثار احمد سولنگيءَ ،عبدالڪريم سومرو،عبدالغفور زهراڻي ، سينيئر صحافي محمد رمضان جوڻيجي ،رحمان ھيسباڻي، محمد علي ميمڻ، علي بخش پٺاڻ، حسين ڪنڀر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. پروگرام ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.