ڪراچي: شهيد سورهيه بادشاهه آزادي جو هيرو آهي،سندس تاريخ کي مسخ ڪيو ويو:اديب دانشور

سنڌ جي اديبن، ليکڪن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن چيو آهي ته  شهيد سورهيه بادشاهه آزادي جو هيرو آهي سندس تاريخ کي کوٽن سڪن مسخ ڪيو سورهيه بادشاهه ۽ حرن جي تحريڪ ۾ عورتن جو به وڏو ڪردار رهيو آهي جتي حرن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا اتي حرن جي عورتن به قربانيون ڏنيون آهن، شهيد سورهيه بادشاهه ۽ قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي آزادي لاءِ جدوجد ڪئي ، ڪراچي پريس ڪلب ۾ سورهيه بادشاهه اسٽڊي سرڪل طرفان سنڌ پوليس جي اڳوڻي آءِ جي ڊاڪٽر آفتاب نبي پاران لکيل ڪتاب ”ڊفائين ڪالونيل اسٽيٽ پاور“ جي مهورتي تقريب کي خطاب پاڪستان مسلم ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار رحيم ،ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ، قاضي جاويد ايڊووڪيٽ ۽ ڪتاب جي ليکڪ اڳوڻي آءِ جي آفتاب نبي خطاب ڪندي چيو ته بدقسمتي سان سورهيه بادشاهه جي ڏنل قرباني ۽ جدوجهد تي ريسرچ نه ٿي سگهي آهي، ان تي وڌيڪ ريسرچ جي ضرورت آهي، سندس جدوجهد ننڍي کنڊ جي مظلومن لاءِ هئي ۽ انگريز سامراج کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هئي. هنن  چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه جو سنڌ تي وڏو احسان آهي جنهن اسان کي انقلابي راهه ڏني. ڪتاب جي ليکڪ ڊاڪٽر آفتاب نبي جوچوڻ هو ته هنشهيد سورهيه بادشاهه جي انقلابي جدوجهد ۽ ڪردار تي 11 ڪالم لکيا آهن ۽ انهن کي لکڻ ۾ به کيس 23 سال لڳي ويا، ان موقعي تي نصير اعجاز ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ ڊاڪٽر آفتاب نبي جي ڪتاب جو مهورت ڪيو ويو ،

تقريب کان پوءِ عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي ناليواري سياستڪار ۽ ليکڪا ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ۽ ناليواري صحافي جاويد قاضي جو چوڻ هو ته سورهيه بادشاهه جي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڏنل قربانين کي اسان کي نوجوان نسل تائين پهچائڻو آهي

سندن چوڻ هو ته سورهيه بادشاهه تي هن وقت تائين جيڪو ڪم ٿيو آهي اهو ناڪافي آهي ان تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.