وزيراعظم جي ڪشمور واقعي جي هيرو پوليس آفيسر محمد بخش ٻرڙي کي شاباش

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪشمور واقعي ۾ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ پوليس آفيسر کي ٽيليفون ڪري شاباش ڏني آهي.

وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان ڪشمور واقعي ۾ بهادري ڏيکاريندڙ اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو ۽ سندس ڌيءُ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جي قدمن کي ساراهيو.

سندس چوڻ هو ته مان بهادري ڏيکاريندڙ اي ايس آءِ کي شاباش ڏني ۽ چيو ته توهان پوليس جي هاڪاري سڃاڻپ کي اجاڳر ڪيو.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سموريون خاميون ختم ڪرڻ لاءِ ايندڙ هفتي جنسي زيادتي بابت سخت آرڊيننس آڻي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.