پاڪستان سپر ليگ: ڪراچي ڪنگز جي ٽيم فائنل ۾ پهچي وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ 5 جي پهرين ڪواليفائر ۾ ڪراچي ڪنگز سخت مقابلي کانپوءِ سپر اوور ۾ ملتان سلطانز کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.

سپر اوور ۾ ڪراچي ڪنگز جي ٽيم طرفان مليل 14 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ملتان سلطانز جي ٽيم رڳو 9 رنسون ٺاهي سگهي، ائين ڪراچي ڪنگز 4 رنسن تان ڪاميابي ماڻي پي ايس ايل 5 جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي، جڏهن ته ملتان سلطانز کي فائنل ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ هڪ موقعو وڌيڪ ملندو.

ملتان سلطانز جي ٽيم ايليمينيٽر ون ۾ لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ مقابلي جي فاتح ٽيم سان مهاڏو اٽڪائيندي ۽ ان ميچ ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم فائنل ۾ ڪراچي سان مقابلو ڪندي.

ان کان اڳ ملتان جي ٽيم پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 141 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ ڪراچي ڪنگز جي ٽيم به 141 رنسون ٺاهيون، جنهن کانپوءِ ميچ جو فيصلو سپر اوور ۾ ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.