گلشن اقبال: ڊائو يونيورسٽي ۾ آن لائين ٽيلي ميڊيسن ڪلينڪ جو افتتاح

شگر جي عالمي ڏھاڙي تي ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز اوجها ڪئمپس ۾ وائيس چانسلر سعيد احمد قريشي پاران  شگر تي ڪنٽرول لاء  آن لائين ٽيلي ميڊيسن ڪلينڪ جو افتتاح ڪيو ويو ۽ ڪئمپس اندر شگر جي بيماري جي عوامي جاڳرتا واڪ پڻ ڪئي وئي جنهن ۾ ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي ڀرپور شرڪت ڪئي آن لائين ڪلينڪ جي افتتاح کانپوء وائيس چانسلر ڪلينڪ جو دورو ڪيو ۽ مقرر ڪيل اسٽاف کان متعاف ڪرايل آن لائين نظام بابت بريفنگ ورتي جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائنيدي سعيد احمد قريشي چيو ته شگر هڪ موذي مرض آهي جنهن تي ڪنٽرول ۽ ان بابت علاج لاء ٽيلي ميڊيسن ڪلينڪ جو افتتاح ڪيو آهي،  هن ڪلينڪ ذريعي سڄي ملڪ جا مريض ڊاڪٽرن سان رابطو ڪري بيماري جي علاج مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهندا ،

هيڊ آف ڊائبٽڪ ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر اختر بلوچ چيو ته شگر دنيا سميت پاڪستان ۾ تيزي سان وڌندڙ بيماري آهي جيڪو اسان   جي لاء وڏو چئنلنج آهي

ان.موقعي تي ڊاڪٽر زرناز،فريال طارق،عمر خان،محمد حسن پڻ آگاهي ڏني ۽ آخر ۾ شگر جي شعبي پاران 14 سالن جي شاندار ڪارڪردگي تي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.