داد لغاري: ڪينجهر پتافي جي انڊس ماڊل اسڪول ۾ تعليمي ميلو

داد لغاري ويجهو ڪينجهر پتافي ۾ انڊس ماڊل اسڪول ۾ علائقي ۾ تعليم جو شعور پيدا ڪرڻ لا۽ تعليمي ميلو لڳايو ويو ، تعليمي ميلي ۾ علائقي جي مختلف نجي توڙي سرڪاري اسڪولن جي سوين شاگردن ، استادن ، تعليمي ماهرن سميت علائقي جي معززن پڻ شرڪت ڪئي، تعليمي ميلي ۾ اسلام ، جنرل ناليج ، سائنس، ادب ، تاريخ ۽ ٻين موضوعن تي ڪتابن سميت شاه جو رسالو ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب موجود هئا جڏهن ته تعليمي ميلي جو افتتاح تعليمي ماهرن ضمير احمد ڊار,ڪريم بخش پتافي, محمد اسلم لغاري,شفقت حسين منگي ۽ سڌير احمد پتافي ڪيو ، افتتاحي تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي تعليمي ماهرن ۽ تعليم سان لڳاءُ رکندڙن ، مختلف اسڪولن جي پرنسيپلز شاهد حسين لغاري ,اسلم لغاري ۽ ٻين چيو ته ڪينجهر پتافي اڄ کان ڪجه سال اڳ بدامني جي ور چڙهيل هيو ،هن علائقي ۾ انڊس ماڊل اسڪول جهڙن تعليمي ادارن ٻارن کي تعليم جهڙي زيور سان نوازي انهن جي تقدير بدلائي ڇڏي آهي

هنن چيو ته اهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ تعليمي ميلو ڪرائي شاگردن ۾ تعليم سان لڳاءُ پيدا ڪرڻ تي انڊس ماڊل اسڪول جي انتظاميه جس لهڻي، هوڏانهن ميلي ۾ 50 کان مٿي اسڪولن جي شاگردن ۽ استادن حصو ورتو ۽ ڪتاب پڻ خريد ڪيا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.