بختاور ڀٽو زرداري جو مڱڻو طئي ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور جو مڱڻو طئي ٿي ويو.

بختاور ڀٽو زرداري جي مڱڻي جي تاريخ طئي ٿيڻ جو آصف علي زرداري به باقاعدي طور اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

بختاور جو مڱڻو 27 نومبر تي ڪراچي ۾ محمود چوڌري سان ٿيندو، محمود چوڌري آمريڪا ۾ رهندڙ واپاري يونس چوڌري جو پٽ آهي.

دعوت نامي ۾ مهمانن کي ڪورونا کان بچاءَ کان احتياطي اپائن جو مشورو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سڀني مهمانن کي تقريب ۾ شرڪت کان 24 ڪلاڪ اڳ ڪورونا جي ناڪاري ٽيسٽ جي اسڪين ڪاپي بلاول هائوس کي فراهم ڪرڻ جو به چيو ويو آهي.

تقريب ۾ مهمانن کي موبائل فون رکڻ ۽ تصويرون ڪڍڻ جي به اجازت نه هوندي.

دعوت نامي موجب سڀني مهمانن کي رڳو بلاول هائوس جي آفيشل فوٽوگرافر جون ٺاهيل تصويرون فراهم ڪيون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.