پاڪ فوج جي ترجمان ۽ پرڏيهي وزير ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته نومبر ۽ ڊسمبر ۾ ڪراچي، لاهور ۽ پشاور ۾ ڀارتي دهشتگردي جي وڏن واقعن جو خطرو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت دنيا سامهون پيش ڪري ڇڏيا.

هن چيو ته ڀارت دهشتگردن کي تربيت ۽ هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي ۽ ڪالعدم تنظيمن جو ڪنسورشيم ٺاهي رهيو آهي، پاڪستان ۾ تازي دهشتگردي پويان ڀارت آهي، افغانستان ۾ ڀارتي سفارتخانو پاڪستان مخالف سرگرمين جو ڳڙهه بڻجي چڪا آهن، ڀارتي سفارتخاني ۾ مقرر ڀارتي ڪرنل راجيش دهشتگرد تنظيمن سان رابطي ۾ آهي ۽ 4 ڀيرا دهشتگردن سان ملاقاتون به ڪيون آهن.

سندس چوڻ هو ته نومبر، ڊسمبر ۾ ڪراچي، لاهور ۽ پشاور ۾ دهشتگردي جي وڏن واقعن جو خطرو آهي، ڀارتي ڳجهي ايجنسي داعش پاڪستان ٺاهڻ جي سازش ڪري رهي آهي، ان تازو 30 داعش دهشتگردن کي پاڪستان ۽ ڀرپاسي منتقل ڪيو آهي ۽ ڪالعدم تنظيمن ۾ اربين رپيا ورهايا پيا وڃن، الطاف حسين گروپ کي به ڀارت ڳجهي ايجنسي ”را“ ٻن ڪمپنين ذريعي فنڊنگ ڪئي ۽ اجمل پهاڙي به ڀارت ۾ ٽريننگ وٺڻ جو اعتراف ڪيو هو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته را طرفان ٽي ٽي پي جي مدد جا ثبوت به موجود آهن، جنهن قبيلائي علائقن ۾ بدامني لاءِ آءِ اي ڊيز ۽ هٿيار ورهايا، دهشتگردن جي تربيت لاءِ افغانستان ۾ 66 ۽ ڀارت ۾ هڪ ڪئمپ قائم آهي، ڀارت قنڌار ۾ دهشتگردن جي ڪئمپ لاءِ 30 ملين ڊالر لڳايا، پي سي گوادر تي حملي لاءِ ڀارت 0.5 ملين ڊالر فنڊنگ ڪئي، دهشتگرد اسلم اڇو ڀارتي اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو، ڀارتي ڳجهي ايجنسي پنهنجي فرنٽ مين کي ٻين ملڪن ۾ فنڊنگ ڪري رهي آهي.

هن چيو ته بلوچستان ۾ سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڀارت خاص مليشيا ٺاهي آهي، بلوچ عليحدگي پسند ڊاڪٽر الله نذر جي را سان رابطن جي آڊيو موجود آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار پريس ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر الله نذر جي آڊيو ٽيپ به ٻڌرائي.

ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڀارت ڪالهه لائن آف ڪنٽرول تي جيڪا بزدلاڻي ڪارروائي ڪئي آهي، مان ان جي مذمت ڪيان ٿو، جنهن ۾ اسان جي معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو.

هن چيو توهان ڏسي رهيا آهيو ته ڪجهه عرصي کان اهو طريقي ڪار هلي رهيو آهي ته مسلسل سيز فائز جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، اهو سڀ کان اهم معاهدو آهي جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ طئي ٿيو هو ۽ جنهن رواني سان ان جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن، اهو قوم جي سامهون آهي.

سندس موجب اڄوڪي پريس ڪانفرنس جو مقصد ڀارت جي اصل چهري کي قوم ۽ عالمي برادري سامهون بي نقاب ڪرڻ آهي، سيڪيولرزم کان شروع ٿيندڙ سفر اڄ هڪ فاشزم جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي ۽ اها هاڻ دنيا کي خبر پئجي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.