نوڪيا جو نئون سمارٽ فون پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش

نوڪيا جو نئون سمارٽ فون 3.4 پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش ٿي ويو.

ان فون کي ڪمپني سڀن کان اڳ سيپٽمبر ۾ يورپ ۾ متعارف ڪرايو هو ۽ هاڻ ان کي پاڪستان ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

بنيادي طور تي اهو هڪ اينٽري ليول فون آهي جنهن ۾ ڪوالڪوم سنيپ ڊرامون 460 پراسيسر ڏنو ويو آهي.

اهو فون اينڊرائيڊ ون پروگرام جو حصو آهي جنهن ۾ بنيادي طور تي گھٽ فيچرز فون متعارف ڪرايا ويندا آهن ۽ نوڪيا جي ان فون ۾ اسٽاڪ اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم ڏنو ويو آهي، جنهن کي جلد اينڊرائيڊ 11 سان اپ ڊيٽ ڪيو ويندو.

نوڪيا جي ان فون ۾ 6.39 انچ ايل اي ڊي ڊسپلي ڏني وئي آهي جنهن جي مٿان کٻي کنڊ تي پنچ هول ڊزائين ۾ 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا موجود آهي.

فون ۾ 4000 ايم اي ايڇ بيٽري ڏني وئي آهي جنهن بابت ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته هڪ ڀيرو چارج ٿيڻ تي عام استعمال سان اها ڊوائيس 2 ڏينهن تائين ڪم ڪري سگھي ٿي.

ان مقصد لاءِ بيٽري ۾ اڊاپٽو بيٽري فيچر جي واڌ ڪئي وئي آهي، ته جيئن وڌيڪ استعمال ۾ ايندڙ ايپس طرفان استعمال ٿيل پاور جو اندازو ٿي سگھي.

فون ۾ 3 کان 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج جا آپشن موجود آهن، جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان 512 جي بي تائين واڌ ڪري سگھجي ٿي.

ڊوئل سم سپورٽ، هيڊ فون جيڪ ۽ بليوٽوٿ 4.2 سان گڏ گوگل اسسٽنٽ لاءِ هڪ بٽڻ مختص ڪيو ويو آهي.

ان ڊوائيس ۾ ٽرپل ڪيمرا سيٽ اپ بيڪ تي موجود آهي.

ڪمپني موجب 13 ميگا پڪسل مين ڪيمرا سان گڏ 2 ميگا پڪسل پرائمري سينسر ۽ 5 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ اينگل ڪيمرا ڏني وئي آهي جڏهن ته فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل ڪيمرا پنچ هول ڊزائين ۾ موجود آهي.

اها فون پاڪستان ۾ 24 هزار 750 رپين ۾ وڪري لاءِ پيش ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.