گهوٽڪي۾ميمڻ برادري جو ڪٺ ، تقريب ۾ سوين ماڻهن جي شرڪت

گهوٽڪي ۾ ميمڻ برادري جو ڪٺ ٿيو  جنهن ۾ ميمڻ برادري جي سوين  ماڻهن شرڪت ڪئي ،ميمڻ اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ سردار اياز خان ميمڻ،عبدالرحيم ميمڻ،غلام حيدر ميمڻ , ايس ايڇ او گهوٽڪي خالد ميمڻ  ۽ ٻين برادري جي ڪٺ کي خطاب ڪندي چيو ته ميمڻ اتحاد سڄي سنڌ ۾ متحد آهي،گهوٽڪي ضلعي ۾ ميمڻ برادري جا هزارن جي تعداد ۾ ووٽ آهن، گهوٽڪي ضلعي ۾ ميمڻ برادري کي هيمشه نظر انداز ڪيو ويو آهي،قيادت گهوٽڪي ضلعي سميت پوري سنڌ جي ميمڻ برادري جي مئسلن مان واقف آهي،سنڌ ميمڻ اتحاد جو مقصد سنڌ ۾ ڇڙ وڇڙ ٿيل ميمڻ برادري کي گڏ ڪرڻ آهي ، ان موقعي تي پروگرام ۾ الطاف حسين ميمڻ،ڪليم الله ميمڻ،معشوق ميمڻ،عادل نواز ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.