تلهار: ڪشمور واقعي خلاف يونين آف جرنلسٽس ۽ اي پي سي جي سڏ تي مظاهرو

ڪشمور واقعي خلاف تلھار ۾ يونين آف جرنلسٽس ۽  اي پي سي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  احتجاج ۾ يونين آف جرنلسٽس جي صدر محمد خان ڏيٿو جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب تلھار آڏو ڀرپور مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب جي صدر عاجز انور لاشاري، سماجي اڳواڻ نظير دلواڻي، محمد رحيم کوسو ،سماجي عورت اڳواڻ زاھدا ڪنڀار،نورجھان دلواڻي،رضيه گوپانگ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پنجاب کانپو۽ ھاڻي سنڌ ۾اهڙن واقعن جو ٿيڻ نهايت ڳڻتي جوڳو آهي، هنن چيو ته اهڙن واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي بنا ڪنهن دير جي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن

هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهڙن وحشي درندن لاءِ في الفور  ڪو قانون پاس ڪرائي انهن کي سخت سزائون ڏياريون وڃن ،

ان موقعي تي يونين آف جرنلسٽس جو جنرل سيڪريٽري وسيم لاشاري، فنانس سيڪريٽري ديدار شاھ،محمد رمضان ملاح،ذالفقار علي ملاح،غلام نبي شاھ ،عبدالرحمن شيخ پڻ موجود ھئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.