ميهڙ: ايم سي ايڇ سينٽر جي عملي جي زيادتين خلاف متاثرن جي بک هڙتال

ميهڙ ۾ ايم سي ايڇ  سينٽر جي عملي جي زيادتين خلاف متاثرن پاران اٺين ڏينهن به بک هڙتال ڪئي وئي، مٿين اک ڪڍائي جي رهواسين شبير ڪرٽيو ، ذوالفقار ڪرٽيو،  فائزا فوزيا ۽ جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪري مطالبن جي مڃتا لاءِ نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي دانهيندي سندن چوڻ هو ته ڊاڪٽرياڻي فرهانا شاه ۽ سندس عملي جي زيادتين جو ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو ، هنن جي ٻارڙن سان بد اخلاقي ۽ نازيبا لفظ ڳالهائڻ ۽ باگڙي جا ٻار چئي ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ سراسر ناانصافي آهي، هنن چيو ته جيستائين ايم سي ايڇ سينٽر جو نااهل عملو نه هٽايو ويندو انهن جي معصوم ٻارڙن سان گڏ جدوجهد جاري رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.