مدئجي ۾ پوليس خلاف ٻارڙن سميت احتجاج

مدئجي(ن ع آ ) مدئجي جي ميمڻ محلي جي رهواسين پاران معصوم ٻارن سميت پريس ڪلب پهچي عبدالحميد ميمڻ,فرمان ميمڻ,ذوالفقار ميمڻ,اسرار,اربيلو ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي جوڻيجا برادري جي ماڻهن ۽ پوليس جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن دوران مظاهرين نعريبازي ڪري رهيا هئا,ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيوته جوڻيجا برادري جي جوابدارن زاهدجوڻيجو,خالد جوڻيجو,رضوان جوڻيجو ۽ ٻين گذريل ڏينهن ناحق اسان جي نوجوان ڀاء مٿان حملو ڪري گارگند ڪرڻ بعد لٺين جو وسڪارو لاهي ڏنو جنهن دوران اسان جي ٽي ڄڻا عبدالغني ميمڻ,فرمان ميمڻ سميت ٽي ڄڻا زخمي ڪيا هئا,جن مان هڪ ڄڻي عبدالغني ميمڻ جي ڪجهه وقت پهريان دل جي بائي پاس ٿي هئي جيڪو ڌڪ لڳڻ سبب مرڻينگ ٿيو هو,جنهن کي لاڙڪاڻي کان ڪراچي اين آء سي وي ڊي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي,هنن وڌيڪ چيوته ڄاڻايل جوابدار سرعام جوا جا اڏا هلائيندا آهن جن کان پوليس منٿليون اوڳاڙيندا آهن,جنهن ڪري هاڻ پوليس سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کقن قاصر بڻيل آهي,مظاهرين اعلي’ اختيارين کي اپيل ڪندي چيوته نوٽيس وٺي ناجائزي ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.