موجوده حڪومت عوام کي ماري ڇڏيو آهي:بالاج جوڻيجو

باڊھ (ن ع آ ) پ پ پ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو جو فرزند بيريسٽر بالاج خان جوڻيجو باڊھ پهچي اتر سنڌ جي نالي واري درگاھ حضرت پير تقي شاھ جيلاني جي وفات ڪري ويل گادي نشين سيد حاڪم علي شاھ جيلاني جي مرتئي تي سندس فرزند سيد وزير علي شاھ عرف عمران جيلاني ۽ مرحوم جي ڀائرن سيد محرم علي شاھ, ڊاڪٽر پريل شاھ ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي ۽ سيد حاڪم علا شاھ جي وڇوڙي تي ڏکويل خاندان سان ڏک ونڊيو۔ ان موقعي تي بالاچ خان جوڻيجو  صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اھا واحد پارٽي آهي.  جنهن مسڪين غريب بي پھچ ماڻھن کي روزگار ڏنو آهي. موجوده سليڪٽيڊ وفاقي حڪومت پاران اڄ جيڪا مھانگائي ڪئي وئي آهي تنهن غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. غريبن لاء ھڪ ويلو کائڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. ھن وڌيڪ چيو ته عوام وزيراعظم عمران خان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان چور دروازي کان آيل آهي ۽ آئي ايم ايف جي پروپوزل تي ڪم ڪري رهيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.